ٻيڙي حادثي جي جاچ جو حڪم،سڀاڻي ملڪ ۾ سوڳ جو اعلان

ٻيڙي حادثي جي جاچ جو حڪم،سڀاڻي ملڪ ۾ سوڳ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف يونان ويجهو ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.واقعي جي جاچ لاءِ 4 رڪني اعليٰ سطحي ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي.وزيراعظم انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ۽ ان سنگين ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن خلاف فوري ڪريڪ ڊائون ۽ سزا ڏيڻ جي به هدايت ڪئي.وزيراعظم جي هدايت تي ايف آءِ اي ڊي آءِ جي عالم شنواري کي واقعي ۾ مارجي ويلن ۽ زخمين جي معلومات ۽ سهولت لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي.آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چيف سيڪريٽري پاڪستاني سفارتخاني ۽ يوناني اختيارين سان رابطو ڪري فوتين ۽ زخمين بابت آگاهه ڪرڻ لاءِ فوڪل پرسن پڻ مقرر ڪيو آهي.وزيراعظم محمد شهباز شريف يونان ويجهو ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي ۾ پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مون سميت پوري قوم جون همدرديون فوت ٿيلن جي خاندانن سان گڏ آهن.وزيراعظم يونان ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي به هدايت ڪئي آهي ته هو حادثي ۾ بچي ويل 12 پاڪستانين جو خيال رکي.ان کان علاوه وزيراعظم 19 جون تي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب يوم سوگ جي موقعي تي قومي جهنڊو سرنگو هوندو، شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ خصوصي دعائون گهريون وينديون. جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم واقعي جي جاچ لاءِ 4 رڪني اعليٰ سطحي ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي، نيشنل پوليس بيورو جي ڊائريڪٽر جنرل احسان صادق کي ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.پرڏيهي معاملن واري وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري آفريڪي افيئر جاويد احمد عمراني، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير پونچھ ريجن جي ڊي آءِ جي سردار ظهير احمد ۽ گهرو وزارت جو جوائنٽ سيڪريٽري ايف آءِ اي فيصل نصير به ڪميٽي ۾ شامل آهن.ڪميٽي يونان ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جي سمورن حقيقتن کي گڏ ڪندي، انساني اسمگلنگ جي هر رخ جي جاچ ڪندي ۽ ذميوارن جو تعين ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو