اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري يوم پاڪستان تي پريڊ ۽ ٻين لاڳاپيل پروگرامن جي انعقاد نه ڪرڻ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي. جاري ڪيل تفصيلن موجب، اهو فيصلو خليج جي تيل جي بحران ۽ حڪومت جي ڪفايت شعاري جي قدمن جي تناظر ۾ ڪيو ويو آهي. صدر آصف زرداري هي فيصلو وزيراعظم شهباز شريف جي صلاح تي ڪيو آهي. ان حوالي سان صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته قومي وسيلن جو دانشمندانه ۽ ذميوارانه استعمال هر شهري جي ذميواري آهي. تفصيل موجب، پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي ايوارڊ تقريب هاڻي 28 اپريل 2026 تي منعقد ٿيندي.










