يوسف جتوئي جي  برسات متاثرن جا اهنج وڌي ويا،سڀ ٻڌي ويو

يوسف جتوئي جي برسات متاثرن جا اهنج وڌي ويا،سڀ ٻڌي ويو

ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار) ٽنڊو محمد خان جي يونين ڪائوسل بلڙي شاھ ڪريم جي ديھ پکاڙڪي ۽ بهرام پور جي ڳوٺن مراد جتوئي يوسف جتوئي جي برسات متاثرن جا اهنج وڌي ويا ڳوٺن مان برساتي پاڻي جو نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي ٻن مهينن کان برسات سبب بيروزگار آھيون وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ فورن رليف فراهم ڪري اسانجا ٻھ اهم ڳوٺ جن کي پيپلزپارٽي جي ووٽرن جي اڪثريت سبب لياري سڏيو ٿو وڃي هر اليڪشن پيپلزپارٽي سان نينهن نڀايو آھي /استاد غني جتوئي ۽ صدام جتوئي تفصيل موجب سڄي سنڌ جيئان ضلعي ٽنڊو محمد جي تعلقي بلڙي جي يونين ڪائونسل بلڙي ديھ پکاڙڪي ۽ بهرام پور جي پيپلزپارٽي جي اهم سپورٽ ڪندڙ ڳوٺ مراد جتوئي ۽ ڳوٺ يوسف جتوئي جي برسات متاثر ڳوٺاڻن روزاني تعمير سنڌ آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گذريل ٻن مهينن کان برسات جون تباھ ڪاريون جاري آھن جنهن سبب اسانجا ڳوٺ مڪمل پاڻي هيٺ آھن سوين اجها ڪري پٽ پئجي ويا آھن پر اسان وٽ ڪوبه چوڊيل نمائيندو مدد واسطي لڙي ناهي آھيون جڏهن ته استاد غني جتوئي صدام جتوئي رئيس محمد خان جتوئي منٺار جتوئي ۽ ٻين وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ ايم اين اي سيد نويد قمر سيد قاسم نويد قمر شاھ فوڪل پرسن رين ايمرجينسي فار ڊسٽرڪٽ ٽنڊو محمد خان ايم پي اي عبدالڪريم سومرو کان مطالبو ڪيو آھي ته اسانجي وچ ڳوٺ ۾ ھڪ سم نالي جو گذرگاھ آھي جنهن کي مختلف جڳهين تي هٿرادو دڪا لڳل آھن جنهن سبب برساتي پاڻي نيڪال نٿو ٿئي ۽ اسانجا ڳوٺ زرعي زمينون هرسال سانوڻي برسات ۾ تباه ٿيو وڃن جنهن جو نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي ۽ ڳوٺن ۾ برسات سبب ڪريل گهرن جو ازالو ڪرڻ سان گڏ اسان مسڪين ماڻھن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو