يار محمد ڪلهوڙو جو مقبرو ڊهڻ تي، فوري مرمت جي اپيل

يار محمد ڪلهوڙو جو مقبرو ڊهڻ تي، فوري مرمت جي اپيل

دادو)عزيزالله خاصخيلي )سنڌ جي اڳوڻي راڄڌاني خداآباد ۾ واقع پنهنجي وقت جي بادشاهه ميان يار محمد ڪلهوڙي جو تاريخي مقبرو خسته حالي جو شڪار ٿي ويو آح. مقبو هاڻي لوهه جي پائيپن ۽ گرلين جي سهاري بيٺو آھي، ڏينهون ڏينهن برساتن جي ڪري تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويو آهي جنهن جي ڪنهن به حڪومتي دور ۾ ڪو به مرمتي ڪم نه ٿي سگهيو آهي. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي تاريخي مقبرو سنڌ حڪومت جي بي ڌياني سبب تاريخي مسمار ٿيڻ لڳو آهي.

اوقاف ۽ آرڪيالاجي کاتي به هن قومي ورثي جي سارسنڀال نه لڌي، درگاھ ڪاميٽي جي اڳواڻن محمد افضل ڪلهوڙو، احمد خان ڪلهوڙو ، نظام الدين ڪلهوڙو، طيب علي ڪلهوڙو فقير حاجي برادي لاشاري ۽ ٻين سنڌيار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وقت جي بادشاھ ميان يار محمد ڪلهوڙو سميت سنڌ ۾ ڪنهن به ڪلهوڙا حڪمرانن جي مزارن تي ڪوبه سرڪاري ڪم نه ٿيو آھي اڳواڻن چيو ته آخر سنڌ حڪومت ڇو تاريخي ورثن کي زبون هالي ڏانهن ڌڪي رهي آھي هنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ڪنهن به ڪلهوڙا دور جي تاريخي مقبرن تي سنڌ حڪومت ڌيان نه ٿي ڏئي هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت ۽ آرڪيالاجي کاتي جا اعليٰ عملدارن ان جو نوٽيس وٺن ضروري مرمتي ڪم فوري طور ڪرائي هن تاريخي ورثي کي تباهي کان بچايو وڃي. ياد رهي ته ميان يار محمد ڪلهوڙو ۽ دين محمد ڪلهوڙو ميان نصيرالدين ڪلهوڙو جا پٽ هئا. دين محمد ڪلهوڙو وڏو هو جنهن کي ملتان جي گورنر پرنس معزالدين سن 1700 عيسوي ۾ قيد ڪيو هو ۽ ملتان جي جيل ۾ ئي مري ويو هو. جنهن بعد 1701 ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙو سنڌ جو حڪمران بڻيو جنهن ڪلهوڙن جي حڪمراني قائم ڪئي، هن 1719 تائين سنڌ تي حڪمراني ڪئي. ڪلهوڙا مغلن جا ڏن ڀرو هئا ۽ 1768 ۾ هنن پنهنجي راڄڌاني خدا آباد کان حيدآباد منتقل ڪئي. 1783 تائين سنڌ ۾ ڪلهوڙا راڄ رهيو جنهن بعد ٽالپرن کانئن حڪمراني کسي ورتي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو