سوسائٽي(غلام رسول مھر) گل ويلفيئر ايسوسيئيشن ڳوٺ عارب مهر طرفان سماج سڌارڪ، انقلابي شاعر، هاري اڳواڻ ۽ گل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي باني صدر محترم ڊاڪٽر گل محمد مهر (گل) جي 71هين سالگره تقريب ڳوٺ عارب مهر ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ تنظيم جي ميمبرن سميت ڳوٺاڻن ڀرپور شرڪت ڪئي .تقريب کي محمدمٺل مھر سجاد مھر، عبدالعزيز مھر، زبير ساگر، عرض آزاد ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر گل پاڻ هميشه جاگيرداري نظام جي خلاف هو ۽ اسان جي ڳوٺ جي نوجوانن کي وڏيرڪي غلامي مان ڪڍڻ لاء تنظيم جو بنياد رکيو ۽ پاڻ عملي جدوجهد ۾ اڳڀرو رهيو پر ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. ڊاڪٽر گل جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن اسانجي ڳوٺ مٿان ڊاڪٽر گل جا وڏا ٿورا آهن جنهن جاگيرداڻي سوچ سان ٽڪر کائي ڳوٺ جي خوشحالي لاء ڪم ڪيو ۽ غريبن مسڪينن سان پيار ڪندڙ هو. ھنن وڌيڪ چيو ته اڄ به جڏهن اسان سنڌ جي ڪنهن به علائقي ۾ وڃون ٿا ۽ اتان جا ماڻهو ڳوٺ عارب مهر جو نالي ٻڌي اسان کي بيحد عزت ڏين ٿا ڇو جو اسان جي ڳوٺ عارب مهر کي مثالي ڳوٺ بڻائڻ ۾ ڊاڪٽر گل جو تمام اهم ڪردار آهي ۽ اسان ڀرپور ڪوشش ڪنداسي ته ڊاڪٽر گل جي سوچ ۽ مقصد کي اڳتي کڻي هلون ۽ ان لاء اسان جي ڳوٺ جي نوجوانن کي عملي ڪم ڪرڻو پوندو. تقريب ۾ ڪمپئرنگ جون ذميواريون انفارميشن سيڪريٽري ذاڪر حسين مهر ادا ڪيون تقريب ۾ هاري اڳواڻ فقرا گلاب مهر ڊاڪٽر گل جو لکيل گيت ٻڌائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي ۽ تقريب ۾ سندس سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.










