وچ اوڀر ۾ جنگ، پاڪستان کان مسلسل ڇهين ڏينهن 145 اڏامون رد

وچ اوڀر ۾ جنگ، پاڪستان کان مسلسل ڇهين ڏينهن 145 اڏامون رد

لاهور، ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي ڪري هوائي بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ پنجن ڏينهن ۾ 8 ملڪن کان منسوخ ٿيل اڏامون جو تعداد 20,000 کان وڌي ويو آهي.فلائيٽ شيڊول موجب، پاڪستان کان وچ اوڀر ڏانهن اڏامون اڄ مسلسل ڇهين ڏينهن به متاثر رهيون ۽ ڪل 145 اڏامون رد ڪيون ويون.ايوي ايشن ذريعن موجب، ڪراچي کان وچ اوڀر ڏانهن 35 پروازون، لاهور کان 29، ملتان کان 12 اڏامون رد ڪيون ويون، جڏهن ته اسلام آباد کان 35، پشاور کان 14، سيالڪوٽ کان 12 ۽ فيصل آباد کان 6 اڏامون رد ڪيون ويون.ان کان علاوه، ڪوئيٽا کان وچ اوڀر ڏانهن 2 اڏامون رد ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو