ليکڪ محمد خالد ميمڻ
سنڌ حڪومت جي صحت کاتي ڊسمبر 2019 ۾ خالص ميرٽ تي اين ٽي ايس ذريعي ٽيسٽ وٺي 6 گريڊ ويڪسينيٽرن جي جاين لاء تقريبن 1300 سئو ويڪسينيٽرن کي ڀرتي ڪيو ۽ انهن کي آفر آرڊر ڏئي جوائننگ پڻ ڏني جنهن کان پوء انهن ڇهين اسڪيل جي ويڪسينيٽرن ارڙنهن مهينا انتهائي ايمانداري سان ڊيوٽيون ڪندي پنهنجي گهرن جو چلهو ٻارڻ لڳا ۽ پنهنجي خاندان سان خوش خوش زندگي خدارڻ لڳا ته وري اوچتو سنڌ سرڪار ڪورٽ سڳوري جو جواز ڄاڻائي سڀني ويڪسينيٽرن کي حڪم ڪيو ته سڀ انٽرويو ڏيڻ اچو ۽ انٽرويو تائين سڀني کي معطل ڪيو ويو سنڌ سرڪار جي ڏنل حڪم تحت سڀ انٽرويو لاء پهتا ته سرڪار انٽرويو وٺي انهن مان 336 اهو چئي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو ته اوهان جي يوسي ۾ جايون خالي ناهن ان ڪري اوهان کي نوڪري مان ڪڍيو ٿو وڃي اهو ٻڌي 336 ڄڻا ويڪسينيٽر جن 18 مهينا نوڪري به ڪئي هئي انهن جي پيرن هيٺان زمين ئي نڪري وئي ۽ سڀ ويچارا سخت پريشان ٿي ويا ۽ پاڻ سان انصاف واسطي احتجاج رڪارڊ ڪرايا ڪورٽن جا در کڙڪايا پر سندن جي جائز مطالبي تي ڪنهن به غور ڪونه ڪيو ۽ سڀ دربدري ۽ پريشاني واري زندگي گذارڻ لڳا ته وري مٿان هاڻي سنڌ حڪومت 750 ويڪسينيٽرن جي نين جاين جو اشتهار اخبارن ۾ ڏيئي ڇڏيو جيڪا ڳالھ سمجه کان ٻاهر آھي ته جڏهن اڳ ئي 336 ويڪسينيٽر جن 18 مهينا ڊيوٽي به ڪئي آھي انهن کي ڇڏي وري نئين سر ٽيسٽن جو اشتهار آخر ڇو ڏنو ويو آھي ٻي ڳالھ جي به باخبر ذريعن مان خبر پئي آھي ته هن وقت صحت کاتي مان تقريبن ٻه سئو کان اڍائي سئو ويڪسينيٽر پڻ ڇڏي تعليم کاتي ڏانهن وڃي رهيا آھن جن تعليم کاتي ۾ ٽيسٽون ڏنيون هيون ۽ پاس ٿيا آھن ٻئي پاس سنڌ حڪومت معطل ڪيل 336 ويڪسينيٽر جن ٽريننگون حاصل ڪرڻ سان گڏ تجربي سان هئڻ باوجود انهن کي ڇڏي وري نوان ماڻهو ڀرتي ڪرڻ پئي وڃي جيڪا وڏي ناانصافي ۽ ظلم برابر آھي غريب ميرٽ تي ڀرتي ٿي معطل ڪيل ويڪسينيٽرن جو ڪو ڏوه نه هئڻ باوجود نوڪرين تان لاهڻ ظلم جي انتها آھي جڏهن ته سنڌ حڪومت وفاق تي ڪاوڙ ڪندي نظر اچي ٿي پئي ته اهي نوڪريون نه ٿا ڏين مگر خود پنهنجي حڪومت کي انهن ميرٽ تي ريگيولر ملازم طور نوڪري ڪري آيل ملازمن جو احساس ڪرڻ جي بجاء انهن کي بنا جواز جي برطرف ڪرڻ وارو ڪم ڪهڙو ڀلو ڪم آھي ان جي لاء سنڌ حڪومت کي گهرجي ته پهريان انهن ووئيل ٽرينڊ ويڪسينيٽرن جن 18 مهينا نوڪري پڻ ڪئي آھي انهن کي نوڪريون ڏين باقي رهيل جاين تي ڀلي ٽيسٽ ڪرائين ته جيڪي نوڪري مان بنا جواز ڪڍيل انهن ويڪسينيٽرن جي ڦھليل مايوسي ختم ٿئي ۽ سندن گهرن جا بند پيل چلها ٻرن ۽ سندن گهر ۾ ڇانيل ماتم خوشين ۾ بدلجي وڃي #










