ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪآف پاڪستان سومر تي وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي. بئنڪ جي بنيادي پاليسي شرح ۾ واڌ بعد 11.5 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
بئنڪ بيان ۾ چيو آهي ته اڄ ٿيندڙ اجلاس ۾ مانيٽري پاليسي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پاليسي شرح کي 100 بيسس پوائنٽ وڌائي 11.50 سيڪڙو ڪيو وڃي، جيڪو اڱاري کان لاڳو ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته تفصيلي مانيٽري پاليسي بيان بعد ۾ جاري ڪيو ويندو۔ هي فيصلو مارڪيٽ جي اميدن مطابق هو، جتي اڳڪٿي ڪئي پئي وئي ته اڄ اعلان ۾ وياج جي شرح وڌندي۔
جڏهن ته گهڻن محققن، بئنڪرن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين ۾ ان ڳالهه تي اتفاق هو ته وياج جي شرح وڌندي، پر واڌ جي مقدار بابت راءِ مختلف هئي۔
وڌيڪ وياج جي شرح برآمد ڪندڙن ۽ ترسيل ڪندڙن لاءِ وڌيڪ آمدني آڻيندي، پر درآمد ڪندڙن لاءِ سنگين مسئلا پيدا ڪندي۔
اهو حڪومت جي قرض جي بار ۾ به اضافو ڪندو، ڇاڪاڻ ته حڪومت بئنڪن ۽ ڪارپوريٽ شعبي کان وڏي پيماني تي قرض وٺي ٿي ته جيئن حڪومتي خرچن لاءِ گهربل رقم گڏ ڪري سگهي۔
ماهرن موجب “گلف جنگ جا خطرا ايترا غير واضح ۽ غير يقيني آهن جو ڪو به دعويٰ نٿو ڪري سگهي ته پاڪستان ۽ اهڙن ٻين ملڪن جي معيشت موجوده حالت ۾ رهندي.”
ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته مهانگائي پوري معيشت کي تبديل ڪري سگهي ٿي، جنهن سان غير يقيني صورتحال وڌندي، صنعتڪاري ۾ تيزي سان گهٽتائي ايندي ۽ موجوده غربت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو۔










