وومينز انڊر 19 ٽي 20 ورلڊ ڪپ: سيده عروب شاهه جو شاندار ڪيچ

وومينز انڊر 19 ٽي 20 ورلڊ ڪپ: سيده عروب شاهه جو شاندار ڪيچ

لاهور(ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي وومينز انڊر 19 ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ خلاف ميچ ۾ پاڪستان جي سيده عروب شاهه جو ڪيچ انٽرنيٽ تي وائرل ٿي ويو.ميچ جي ٽئين اوور ۾ سيده عروب شاهه انگلش بيٽسمين لبرٽي هيپ جو شاندار ڪيچ ورتو، جنهن کي مبصر به ساراهڻ کان قاصر رهي.ان کان علاوه سوشل ميڊيا تي سيده ارباب شاهه جي شاندار فيلڊنگ کي به ساراهيو پيو وڃي.واضح رهي ته ان ميچ ۾ پاڪستان وومين ٽيم کي شڪست ملي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو