راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته هڪ مقرري سڀني لاءِ مسئلو بڻيل آهي وقت اچڻ تي صوبائي اسيمبليون ٽوڙي سگهجن ٿيون.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد احمد چيو ته اڄ 70 وزيرن ۾ 2 وزيرن جي اضافي کان پوءِ انگ 72 ٿي ويو آهي. ماڻهو ٻوڏ ۽ ڊينگي سبب مري رهيا آهن هي آمريڪا جي مهانگي ترين هوٽلن ۾ رهائش ڪري رهيا آهن.اڳوڻي گهرو وزير چيو ته پي ڊي ايم چونڊن کان ڀڄي رهي آهي جڏهن ته چونڊون ئي ملڪي استحڪام جو واحد حل آهي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ رات دير سان ٿيندڙ هيٺ مٿانهين جي حوالي سان شيخ رشيد چيو ته رات جو 2 وڳي پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو. هن چيو ته هاڻ چونڊن طرف وڃڻو آهي يا بند گهٽي ۾ ان جو فيصلو جلد ٿيڻ وارو آهي.شيخ رشيد چيو ته هاءِ ڪورٽ پيناڊول ڏياري هاڻ اٽو به ڏياريندي. شيخ رشيد هڪ ٻئي ٽوئيت ۾ چيو ته اڃان عمران خان جو سڏ ناهي آيو ته سوين ڪنٽينرز اسلام آباد اچي ويا آهن. 30 هزار جي نفري گهرائي وئي آهي. رنجيت سنگهه جي سوچ اسلام آباد کي جنگ جو ميدان بنائڻ چاهي ٿي. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته هاڻ عوام به اهوئي چاهي ٿو ته چونڊون ڪرايو ۽ گهر وڃو.










