وفاق ۽ سنڌ ۾ ڪو به اختلاف ناهي: شرجيل ميمڻ

وفاق ۽ سنڌ ۾ ڪو به اختلاف ناهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ خيرپور ۾ پيپلز بس سروس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وفاق ۽ سنڌ ۾ ڪو به اختلاف ناهي. سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي سٺن ڪمن جي باوجود تنقيد ڪئي ويندي آهي، بلاول ڀٽو ڏکئي وقت ۾ به پاڪستان جو دفاع ڪيو، ۽ سنڌ حڪومت سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪڏهن ٻين صوبن ۾ به ڪم ٿين ته اها خوشي جي ڳالهه آهي. سڄي پاڪستان مان ماڻهو مفت علاج لاءِ ڪراچي اچن ٿا. سڄي صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو