ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4200 رپيا في مڻ مقرر ڪريو، مھر

ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4200 رپيا في مڻ مقرر ڪريو، مھر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي زراعت واري وزير سردار محمد بخش مهر وفاقي حڪومت کان ڪڻڪ جي سپورٽ قيمت متعلق مطالبو ڪري ڇڏيو،هڪ بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته وفاقي حڪومت کي ڪڻڪ جي گهٽ ۾ گهٽ سپورٽ قيمت 4,200 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته بين الاقوامي مالي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي شرطن تحت، صوبائي حڪومتون وفاقي حڪومت کان سواءِ هارين کي سپورٽ قيمتون فراهم نٿيون ڪري سگهن، سردار محمد بخش مهر وڌيڪ چيو ته سپورٽ قيمتن جي کوٽ سبب هاري دٻاءُ ۾ آهن. سنڌ ڪڻڪ جي پوکائي سپورٽ پروگرام تحت 56 ارب رپين جو سپورٽ پيڪيج متعارف ڪرايو آهي.هن اهو پڻ چيو ته ڀاڻ ۽ ٻين شين کي خريد ڪرڻ لاءِ هارين کي في ايڪڙ 24,700 رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو