وفاق ڪراچي جيان ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ امدادي پيڪيج ڏي،ڀٽو

وفاق ڪراچي جيان ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ امدادي پيڪيج ڏي،ڀٽو

ٽنڊوباگو (رپورٽ: ڄام سھيل سمون) جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير مولانا اسد الله ڀٽو ڳوٺ محمد حسن بليدي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هتي جا ماڻهو بکن ۽ بيمارين ۾ مري رهيا آهن ۽ بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو گورنر ۽ وزير اعلي غريبن جي مدد ڪرڻ بجاءِ رڳو فوٽو ڪڍائي واپس ھليا وڃن ٿا. هن چيو ته مرڪزي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت پاڻ ۾ پئسن تي وڙهيا پيا آهن، وفاقي حڪومت پاران جيئن ڪراچيءَ لاءِ پئڪيج ڏنو ويو آهي تيئن سنڌ جي ٻوڏ متاثر ضلعن لاءِ به خاص پئڪيج ڏنو وڃي. هن چيو ته 2011ع جي ٻوڏ کان پوءِ وفاقي حڪومت جيڪو 25 ارب روپين جي پئڪيج جو اعلان ڪيو هو اهو ڪٿي خرچ ٿيو آهي، اسين سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ٿا ڪريون ته هو ان مسئلي تي پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ان 25 ارب روپين جي تحقيقات ڪرائين. هن چيو ته پراڻ ڍوري ۽ سم نالن تان قبضا ختم ڪرائي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ سمنڊ تائين قدرتي گس بحال ڪيا وڃن. هن چيو ته جماعت اسلامي سدائين ڏکين حالتن ۾ غريبن سان گڏ هوندي آهي، هن وقت به جماعت اسلامي ٻوڏ متاثرن ۾ راشن ۽امدادي سامان تقسيم ڪري رهي آهي، ان کان سواءِ جماعت اسلامي جي موبائيل ميڊيڪل يونٽ غريب ماڻهن جو مفت ۾ علاج ڪري رهيو آهي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو