وفاق پاران ٻاهران گهرايل ڪڻڪ کائڻ جهڙي ناهي،راهو

وفاق پاران ٻاهران گهرايل ڪڻڪ کائڻ جهڙي ناهي،راهو

ڪراچي  (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي زراعت واري وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران ٻاهرين ملڪ مان گهرايل ڪڻڪ انتهائي خراب آهي، جنهن ۾ 70 سيڪڙو پاڪستاني ڪڻڪ ملائي کائڻ جي لائق بڻايو ويندو آهي. صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته مهانگي ڪڻڪ گهرائي قومي ناڻي ۽ شهرين جي صحت کي نقصان پهچايو پيو وڃي، پوءِ به وفاقي حڪومت  ٻيهر ڪڻڪ گهرائڻ جو ٽينڊر جاري ڪيو آهي. هن چيو آهي ته 2750 رپيا في مڻ جي حساب سان ڪڻڪ ٻاهرين ملڪ مان گهرائي وئي پر وفاقي حڪومت مقامي آبادگارن کي 2 هزار روپيا في مڻ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، اسماعيل راهو چيو آهي ته غير ملڪي ڪڻڪ جي ماني کائڻ جي لائق ناهي هوندي، مناسب قيمت نه ملڻ تي آبادگار ڪڻڪ نه پوکي رهيا آهن، ناقص پاليسين جي ڪري خدشو آهي ته ملڪ ۾ خوراڪ جو بحران نه پيدا ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو