وفاق جي هدايت تي طئي ڪيل امدادي قيمت سبب اٽي جو بحران ٿيو،

وفاق جي هدايت تي طئي ڪيل امدادي قيمت سبب اٽي جو بحران ٿيو،

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اٽي جي امدادي قيمت وفاق جي هدايت تي طئي ڪئي جنهن سبب اٽي جو بحران پيدا ٿيو آهي، امدادي قيمت گهٽ ٿيڻ سبب گهٽ خريداري ٿي،
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ذخيرو ڪندڙن سان قانون موجب ڪڻڪ جي خريداري ڪئي ويندي، ذخيرو ڪندڙن کان ڪڻڪ 3 هزار روپيه في مڻ جي حساب سان خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم به اٽي ۽ ڪڻڪ جي بحران تي اجلاس ڪري رهيو آهي، سنڌ حڪومت کي ڪڻڪ خريداري کي ريگوليٽ نه ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڪيٽي بندر تي نئين بندر گاهه بڻجندي.
وڏي وزير چيو ته اسان جو ملڪ دهشتگردي جي لهر ۾ آهي دهشتگردن جو حدف ڪراچي آهي، اسان جي ڪراچي جي حالتن تي گهري نظر رکيل آهي، دهشتگردي کي ڪنڌ کڻڻ نه ڏينداسين. سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون آهن. بلوچستان جا رهواسي ۽ عوام پاڪستان سان مخلص آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو