لاهور (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته صوبائي ۽ وفاقي کاتو سڌو سنئون هارين کان ڪڻڪ خريد ڪن ته جيئن هارين کي پورو فائدو ملي سگهي.وزيراعظم جي صدارت هيٺ حڪومتي سطح تي ڪڻڪ جي خريداري بابت جائزو وٺڻ وارو اجلاس ٿيو، جنهن کي خطاب ڪندي هن چيو ته سمورا صوبائي ۽ وفاقي ادارا پنهنجي ڪڻڪ جي خريداري جو هدف وڌائين ته جيئن سڄي سال ۾ ڪڻڪ جي فراهمي کي ممڪن بڻائي سگهجي.هن چيو ته سمورا آفيسر ڪڻڪ جي بروقت خريداري کي يقيني بڻائين ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.27.5 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار تي شڪريو ادا ڪندي وزيراعظم چيو ته هن سال ڪڻڪ جي پيداوار گذريل 10 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.شهباز شريف چيو ته هارين کي معياري ٻج ۽ ڀاڻن جي مسلسل فراهمي سبب ڪڻڪ جي شاندار پيداوار ممڪن ٿي آهي، گذريل سال برساتن ۽ ٻوڏن باوجود ڪڻڪ جو بمپر فصل بروقت فيصلا ۽ بهتر حڪمراني جو ثبوت آهي.وزيراعظم چيو ته سمورين مالي مشڪلاتن باوجود ڪڻڪ جي بمپر پيداوار تي هاري ۽ سڄي قوم مبارڪباد جي مستحق آهي.ايندڙ سال، حڪومت اڃا به وڌيڪ پيداوار لاء حڪمت عملي جي منصوبابندي ڪري رهي آهي.هن چيو ته گذريل نااهل حڪومت جي بدانتظامي سبب پاڪستان ڪڻڪ درآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو. گذريل حڪومت ڀاڻ لاءِ هارين کي سڄو ڏينهن ڊگهين قطارن ۾ بيهاريو.










