رولنگ چيلينج نٿي ٿي سگهي، ڪابينا ٽٽي چڪي، فواد

رولنگ چيلينج نٿي ٿي سگهي، ڪابينا ٽٽي چڪي، فواد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)فواد چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسپيڪر جي رولنگ ۽ قومي اسمبلي جي ڪاروائي ڪنهن به عدالت ۾ چيلينج نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته اسين پرڏيهي سازش کي ناڪام بڻايو آهي، مارشل لا جو ڪو امڪان ناهي. هن وڌيڪ چيو ته صدر پاران اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ وفاقي ڪابينا به ٽوڙي ڇڏي آهي، اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته وزيراعظم آئين جي آرٽيڪل 224 تحت پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو، جڏهن ته ڪابينا ٽٽي وئي آهي. وزيراعظم نگران حڪومت جوڙڻ لاءِ اپوزيشن ليڊر کي خط لکي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته آئين جي آرٽيڪل 224 اسمبلي جي مدت مڪمل ٿيڻ يا اسمبلي ٽٽڻ بعد نگران حڪومت جي قيام جي طريقي ڪار بابت آهي. آئين موجب جيڪڏهن وزيراعظم استعيفيٰ ڏي ته ان صورت ۾ کيس نئين وزيراعظم جي چونڊ تائين ڪم ڪري سگهي ٿو پر اسمبلي ٽٽڻ ۽ عدم اعتماد جي صورت ۾ هڪ ڪم نٿو ڪري سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو