دبئي(ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار متحده عرب امارات جي دوري دوران ابو دبئي هولڊنگ ڪمپني جي چيئرمين محمد السويدي ۽ انٽرنيشنل هولڊنگ ڪمپني جي ايم ڊي سيد بصر سان ملاقات ڪئي.رپورٽن مطابق ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ سيڙپڪاري تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. متحده عرب امارات پاڪستان ۾ توانائي، زراعت ۽ صحت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ملڪ ۾ واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي.










