پيٽرول ۽ گاسليٽ 10 روپيا ۽ ڊيزل ساڍا 7 روپيا سستو ڪرڻ جو اعلان

پيٽرول ۽ گاسليٽ 10 روپيا ۽ ڊيزل ساڍا 7 روپيا سستو ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پيٽرول، ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تيل اگهن ۾ ڦير ڦار ڪئي وئي آهي جنهن موجب پيٽرول 10 رپيا في ليٽر سستو ڪيو ويو آهي. اگهن ۾ لاٿ جي اعلان بعد پيٽرول جو نئون اگهه 214 رپيا 80 پيسا ٿي ويو آهي نون اگهن موجب ڊيزل جي اگهه ۾ في ليٽر ساڍا ست رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 227 رپيا 80 پيسا ٿي ويو آهي. گاسليٽ جي اگهه ۾ به 10 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ ان جو نئون اگهه 171.83 روپيا في لٽر مقرر ڪيو ويو آهي. لائيٽ ڊيزل جو اگهه 10 روپيا گهٽ ٿيڻ بعد نئون ريٽ 169 روپيا في لٽر مقرر ڪيو ويو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته عالمي منڊي ۾ جيتري قيمت گهٽ ٿي آهي ان جي ڀيٽ ۾ گهٽايل اگهه تمام گهٽ آهن، گهٽ ۾ گهٽ 40 روپيا في لٽر قيمتون گهٽ ٿيڻ گهرجن ها.

پهنجو تبصرو موڪليو