وسيم اڪرم بالنگ جي انداز ۾ شيطان کي پٿريون هنيون

وسيم اڪرم بالنگ جي انداز ۾ شيطان کي پٿريون هنيون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم پڻ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق سان گڏ حج جي سعادت حاصل ڪئي۔
فريضه حج جي ادائيگي دوران جمرات ۾ رمي ڪندي، وسيم اڪرم جي بالنگ واري انداز ۾ شيطان کي پٿريون هڻڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي۔
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته وسيم اڪرم بالنگ جي انداز ۾ شيطان کي پٿري هڻي رهيو آهي ۽ پوءِ وڪيٽ وٺڻ کان پوءِ واري خوشيءَ جو اظهار پڻ ڪري رهيو آهي۔
وسيم اڪرم جي وڊيو سامهون اچڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ملي جلي تبصرا ڪيا پيا وڃن۔ ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن وسيم اڪرم جي انداز کي ساراهيو آهي، جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ آهي ته حج جهڙي مقدس عبادت جو مذاق اڏائڻ بند ٿيڻ گهرجي۔

پهنجو تبصرو موڪليو