وزير آباد حملي جي فرانزڪ رپورٽ پيش، حملي آور هڪ کان وڌيڪ هئا: چيمه

وزير آباد حملي جي فرانزڪ رپورٽ پيش، حملي آور هڪ کان وڌيڪ هئا: چيمه

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي گهرو صلاحڪار عمر سرفراز چيما جو چوڻ آهي ته وزير آباد حملي جي شروعاتي فرانزڪ رپورٽ عمران خان کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ زمان پارڪ لاهور ۾ پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لانگ مارچ جي بحالي ۽ عمران خان تي حملي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ واري معاملي تي غور ڪيو ويو.ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر سرفراز چيما چيو ته وزيرآباد حملي جي ابتدائي فرانزڪ رپورٽ عمران خان کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي، رپورٽ موجب حملي آور هڪ کان وڌيڪ هئا.هن چيو ته حتمي رپورٽ ۾ معلوم ٿيندو ته حملي ۾ ڪهڙي قسم جو هٿيار استعمال ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو