وزيرستان ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا 3 فوجي زخمي

وزيرستان ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا 3 فوجي زخمي

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) اتر وزيرستان جي دته خيل واري بويا جي علائقي ۾ سيڪورٽي فورسز جي آپريشن دوران دهشتگردن سان مقابلي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو. دهشتگردن سان مقابلي ۾ هڪ ڪيپٽن عديل ۽ 3 سپاهي زخمي ٿي پيا. مارجي ويل هڪ دهشتگرد بارودي سرنگ ٺاهڻ جو ماهر هو ۽ سيڪورٽي فورسز تي ٿيل 25 حملن ۾ ملوث هو. ياد ريه ته اتر وزيرستان ۾ ٽارگٽ ڪلنگ جا واقعا وڌي ويا آهن ۽ هن وقت تائين 30 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو