اتر وزيرستان: دهشتگردن سان مقابلو، سپاهي شهيد

اتر وزيرستان: دهشتگردن سان مقابلو، سپاهي شهيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي پاڪ فوج جو جوان شهيد ٿي ويو.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب اتر وزيرستان جي علائقي دتہ خيل ۾ فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سپاهي شاهزيب امتياز بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب شهيد ٿيل 25 ورهين جو سپاهي امتياز ڪوٽلي ستين جو رهواسي هو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ امڪاني دهشتگردن جو صفايو ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو