وزيراعظم پاران ڊاڪٽر جميل خلاف ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل حيدرآباد ڊاڪٽر جميل احمد خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اي آءِ جي ڊاڪٽر جميل خلاف ڪارروائي لاءِ وزيراعظم عمران خان جِي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اي آءِ جي ڊاڪٽر جميل مبينا طور اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري لکين رپيا رشوت ورتي، خط ۾ چيو ويو ته اي آءِ جي ڊاڪٽر جميل وٽ 15 ضلعن جي چارج آهي، هر ضلعي مان 15 کان 20 لک ماهوار اوڳاڙي ڪري ٿو، ڊاڪٽر جميل سرڪٽ هائوس حيدرآباد جي ٽن ڪمرن تي غيرقانوني قبضو ڪيو آهي. ماتحت آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين تي به رشوت جون شڪايتون مليون آهن، خط ۾ چيو ويو ته ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر جميل جا 2 پٽ والد جي سرڪاري پوزيشن جو ناجائز فائدو کڻي رهيا آهن، وزيراعظم جي خط ۾ حڪم ڏنو ويو ته سول سرونٽس رولز تحت اي آءِ جي ڊاڪٽر جميل خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو