اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف رمضان جي مهيني ۾ عوام لاءِ خصوصي پيڪيج جي رقم ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف رمضان ريليف پيڪيج جي رقم ساڍا 7 اربن روپين مان وڌائي ساڍا 12 ارب روپيه ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سان گڏ ئي رمضان ريليف پيڪيج جو دائرو به وڌائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.وزيراعظم شهباز شريف وڌ کان وڌ غريب ۽ مستحق ماڻهن تائين رمضان رليف پيڪيج پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن سبب يوٽيلٽي اسٽور ۽ بي آءِ ايس پي سان گڏ هاڻ موبائل يونٽ به کائڻ پيئڻ جون شيون سستيون ڏيندا.شروعاتي طور تي 1200 موبائل پوائنٽس ۽ 300 مستقل رليف پيڪيج مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن. پهرين رمضان کان آخري رمضان تائين رليف پيڪيج ۾ عام بازار کان گهٽ قيمت تي شيون ڏنيون وينديون طئي ڪيل هنڌن کان علاوه ٽرڪ مختلف علائقن ۾ غريب عوام کي سستيون شيون پهچائيندا.ان کان علاوه موبائل ايپ جي استعمال جي رهنمائي لاءِ خصوصي وڊيو به جاري ڪئي ويندي. ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي وارو ڊيش بورڊ ٺاهيو پيو وڃي ته جيئن موبائل اٽي جي وڪرو جي نگراني ٿي سگهي.موبائل يونٽس جي هڪ کان ٻئي هنڌ تائين منتقلي جي دوران اٽي جي فراهمي جاري رهندي. موبائل ۽ لائيو فوٽيج سان اٽي جي ورهاست جي لاڳيتو نگراني ڪئي پئي وڃي.هن خصوصي پيڪيج جي تحت 3 ڪروڙ 96 لک خاندانن کي رمضان ۾ سستي اگهن تي کائڻ پيئڻ جون شيون ڏنيون وينديون ۽ رمضان رليف پيڪيج جي تحت مستحق ماڻهن کي بازار مان 30 سيڪڙو سستيون شيون ڏنيون وينديون. اٽي تي في ڪلو 77 روپيه ۽ گيهه تي 70 روپيه في ڪلو سبسڊي ڏني ويندي.ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف 7 مارچ تي ساڍا 7 ارب روپين جي سبسڊي سان رمضان ريليف پيڪيج جو اعلان ڪيو هو.










