وزيراعظم سان ملاقات بعد ڄام ڪمال جو استعيفيٰ کان انڪار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بلوچستان جي حڪمران پارٽيءَ ۾ اختلاف وڌي وڃڻ بعد پيدا ٿيل سياسي ۽ انتظامي بحران برقرار آهي. ڄام ڪمال وڏ وزارت بچائڻ لاءِ اسلام آباد ۾ ملاقاتون تيز ڪري ڇڏيون، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال جي وزيراعظم عمران خان سان به ملاقات ٿي آهي. جنهن بعد هن صحافين سان ڳالهائيندي هڪ ڀيرو ٻيهر استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته مخالف ڀلي عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪن کين ناڪامي ٿيندي. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو، وزيراعظم جي پارليامينٽ هائوس ۾ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن سان ملاقات ڪري کين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري بابت پيدا ٿيل اختلاف بابت پارٽي اڳواڻن کي اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم چيو ته اسين قانون جي بالادسٽي چاهيون ٿا ۽ ان تي عمل ڪرايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو