لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جاتي امرا ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف سان ملاقات ڪئي.ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ ملڪ جي صورتحال ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي بحث ڪيو ويو.بيان موجب، وزيراعظم نواز شريف کي بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۽ عوامي امدادي قدمن بابت آگاهه ڪيو.ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي به بحث ڪيو ويو.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز پڻ ان موقعي تي موجود هئي.










