وزيراعظم جي ملاقات، پاڪستان اسان جي ريڊ لائن آهي: نوازشريف

وزيراعظم جي ملاقات، پاڪستان اسان جي ريڊ لائن آهي: نوازشريف

لاهور: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان اسان جي ريڊ لائن آهي، پاڪستان جي طرف ڪنهن کي به ميري اک سان ڏسڻ نه ڏينداسين. هن اهي ڳالهيون وزيراعظم شهباز شريف سان جاتي امرا ۾ ٿيل ملاقات جي دوران ڪيون.رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف سان ملاقات جي لاءِ انهي جي رهائشگاهه جاتي امرا پهتو. ملاقات جي دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملڪي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شهباز شريف نوازشريف کي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو.انهي دوران نوازشريف چيو ته پاڪستان جي طرف ڪنهن کي به ميري اک سان ڏسڻ نه ڏينداسين. پاڪستان اسان جي ريڊ لائن آهي، قوم جا پٽ پنهنجي حياتين جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ ملڪ جي حفاظت ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو