وزيراعظم جو ٽن ڏينهن وارو سعودي عرب جو دورو

وزيراعظم جو ٽن ڏينهن وارو سعودي عرب جو دورو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جو وزيراعظم عمران خان اڄ ولي عهد جي دعوت تي سعودي عرب جو دوري تي رياض پهچندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاري جاري ڪيل بيان موجب 23 کان 25 آڪٽوبر تائين جي دوري دوران وزيراعظم گرين مڊل ايسٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، موسمياتي تبديلين، وڻڪاري بابت پنهنجو تجربو شيئر ڪندو. پرڏيهي کاتي جو وزير ۽ ڪابينا جا ٻيا ميمبر به ساڻس گڏ هوندا. ان موقعي تي ٻه طرفن لاڳاپن بابت به ڳالهيون ٿينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي بابت وزيراعظم جو صلاحڪار شوڪت ترين به سعودي عرب ۾ وزيراعظم کي جوائن ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو