وزيراعظم جو نوٽيس ڪم نه آيو،ملڪ ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ جاري

وزيراعظم جو نوٽيس ڪم نه آيو،ملڪ ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ جاري

لاهور (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي نوٽيس باوجود بجلي جو بحران نه ختم ٿيو ۽ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو شيڊول جاري نه ٿي سگهيو ۽ مختلف شهرن ۾ 8 کان 14 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ معمول بڻجي ويو آهي.شهرين شڪايت ڪئي آهي ته بار بار ٽرپنگ سبب گهرن ۾ اليڪٽرونڪس سڙي وڃڻ شروع ٿي ويا آهن، گهرن جا پکا، ٽيوب لائيٽون ۽ واٽر موٽرون خراب ٿيڻ لڳيون آهن.اين ٽي ڊي سي ذريعن موجب بجلي جي پيداوار 20 هزار ميگاواٽ آهي جڏهن ته بجلي جي طلب 27 هزار 300 ميگاواٽ آهي، ملڪ ۾ 7 هزار 300 ميگاواٽ بجلي جو شارٽ فال آهي.ٻئي طرف ڊسٽري بيوشن ڪمپنين لوڊشيڊنگ جو ذميوار توانائي واري وزارت تي ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو