وزيراعظم جلسن ۾ سرڪاري وسيلا استعمال پيو ڪري

وزيراعظم جلسن ۾ سرڪاري وسيلا استعمال پيو ڪري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي وزيراعظم عمران خان، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، وفاقي وزير علي زيدي، سينيٽر فيصل جاويد ۽ ٻين اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن پنهنجي نوٽيس ۾ چيو آهي ته نوٽيس باوجود وزيراعظم عمران خان مالاڪنڊ جو دورو ڪري ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي. اليڪشن ڪميشن چيو ته صوبي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي اعلان باوجود جلسو ٿيو ۽ سرڪاري وسيلا استعمال ڪيا ويا. اليڪشن ڪميشن جو خلاف ورزي بابت وزيراعظم کي هي ٽيون نوٽيس آهي. وزيراعظم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس معطل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي جيڪا رد ڪئي وئي هئي، اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي وارو چونڊ عمل ملتوي ڪرڻ جو اشارو به ڏنو آهي پر اڃا ان بابت حتمي فيصلو ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو