ورلڊ ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي،سريلنڪن بورڊ فارغ

ورلڊ ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي،سريلنڪن بورڊ فارغ

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ)سريلنڪا جي راندين واري وزير روشن رانا سنگهه آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي تي ڪرڪيٽ بورڊ کي برطرف ڪري ڇڏيو.نيوز ايجنسي موجب راندين واري وزير پاران ڪرپشن جي الزامن تي بورڊ سان لاڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيا ۽ ڀارت هٿان شرمناڪ شڪست کانپوءِ سريلنڪن بورڊ کي برطرف ڪيو ويو.1996ع جي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم جي ڪپتان ارجن رانا ٽنگا کي ذميواري سونپي وئي آهي جڏهن ته کيس عبوري چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.سريلنڪا جي راندين واري وزير جي آفيس طرفان هڪ بيان جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ بورڊ کي برطرف ڪندي رانا ٽنگگا کي ذميواري سونپي وئي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب راندين واري وزير پاران 7 رڪني پينل جوڙيو ويو آهي، پينل ۾ سپريم ڪورٽ جا رٽائرڊ جج به شامل آهن.راندين واري وزير سموري بورڊ کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو، بورڊ جي سيڪريٽري موهن ڊي سلوا هڪ ڏينهن اڳ استعيفيٰ جو اعلان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو