ورلڊ ڪپ کٽڻ تي في رانديگر هڪ لک ڊالر انعام جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي آچر تي اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن گرين شرٽس ايندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽيو ته هر رانديگر کي هڪ لک ڊالر يعني لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ 80 لک روپيا انعام ڏنو ويندو. ڪرڪيٽ بورڊ موجب نقوي اهڙو اظهار لاهور جي قذافي اسٽيڊيم پهچڻ تي ڪيو، جتي ڇنڇر تي بابر اعظم جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني ٽيم قومي ڪيمپ جي شروعات ڪئي آهي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾، پي سي بي چيو ته نقوي پنهنجي دوري دوران رانديگرن ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪئي. مانجهاندي تي ٿيل ملاقات بابت بورڊ جو چوڻ هو ته پي سي بي چيئرمين ٻن ڪلاڪن تائين رانديگرن سان گڏ رهيو، نقوي رانديگرن سان حڪمت عملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو