ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) آئي سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 8 مرحلي ۾ انگلينڊ دلچسپ مقابلي کان پوءِ نيوزيلينڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪولمبو ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪيوي ڪپتان مچل سينٽنر ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
نيوزي لينڊ جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهيون. ڪيويز لاءِ گلين فلپس 39، ٽم سيفرٽ 35 ۽ فن ايلن 29 رنسون ٺاهيون.
انگلينڊ پاران ول جيڪس، ريحان احمد ۽ عادل رشيد 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
جواب ۾، انگلينڊ آخري اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪيو ۽ 6 پوائنٽن سان گروپ ۾ پهرين پوزيشن تي پهچي ويو
انگلينڊ هٿان نيوزي لينڊ جي شڪست کان پوءِ پاڪستان جون سيمي فائنل ۾ پهچڻ جون اميدون زنده آهن.
ڪهڙي ٽيم، نيوزيلينڊ يا پاڪستان، سيمي فائنل ۾ پهچندي، ان جو فيصلو سڀاڻي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ ٿيندو.
پاڪستان کي سريلنڪا کي وڏي مارجن سان شڪست ڏيڻي پوندي، نيوزيلينڊ گهٽ نيٽ رن ريٽ جي ڪري 3 پوائنٽن سان سيمي فائنل ۾ پهچندو.










