ورلڊ ڪلچر فيسٽيول جو افتتاح، 141 ملڪن جا فنڪار شريڪ

ورلڊ ڪلچر فيسٽيول جو افتتاح، 141 ملڪن جا فنڪار شريڪ

ڪراچي (رپورٽ علي مرتضيٰ مهر) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي پاران 39 ڏينهن وارو ”ورلڊ ڪلچر فيسٽيول 2025ع“ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه افتتاح ڪيو. صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاهه، وزيراعليٰ سنڌ جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. فيسٽيول جي شروعات قومي تراني سان ٿي، جنهن دوران احترام ۾ سڄو پنڊل اُٿي بيٺو. فيسٽيول ۾ 2024ع جي ورلڊ ڪلچر فيسٽيول جي شو ريل پيش ڪئي وئي. افتتاحي تقريب ۾ آسٽريليا، آئيوري ڪوسٽ ڪراچي، ترڪي، فرانس، متحده عرب امارات، جاپان، سريلنڪا، روس، عراق جا قونصل جنرل، بنگلاديش جو ڊپٽي ڪمشنر، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين، ڊائريڪٽر الائنس فرانسز دي ڪراچي، ثقافت کاتي وارو صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه، صوبائي وزير سعيد غني ۽ ناصر حسين شاهه خاص شرڪت ڪئي. فيسٽيول ۾ پاڪستان جي ناليواري مصور امين گل جيءَ جي زندهه پرفارمنس آرٽس ڪائونسل جي احاطي کي پرفارمنگ آرٽ جي رنگن سان ڀري ڇڏيو، جڏهن ته بلوچي رقص ”ليوا“ شائقين جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيو. موسيقي جا ديوانا مختلف ڌنن تي جهومندا نظر آيا. 30 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ هي فيسٽيول 7 ڊسمبر تائين آرٽس ڪائونسل ۾ جاري رهندو. شروعاتي خطاب ۾ صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاهه، وزيراعليٰ سنڌ جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اسان کي هميشه سنڌ حڪومت جو سڀ کان وڌيڪ سهڪار حاصل رهيو آهي. سڄي سنڌ حڪومت اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهي آهي. ڪمشنر ڪراچي سڀني کاتن کي الرٽ رکيو آهي. چيف سيڪريٽري، سي سي پي او ڪراچي، مقصود ميمڻ ۽ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جون خدمتون به تعريف جوڳيون آهن. هن چيو ته هن فيسٽيول جي پهرين ٿيم ”امن“ جو قيام آهي، 21-صديءَ جو سڀ کان وڏو ڪربلا غزه هو، اسان کي هڪ بهتر ۽ مهذب دنيا جي ضرورت آهي. سڄي دنيا جي فنڪارن هن نسل ڪشي جي ڀرپور انداز ۾ مذمت ڪئي. ورلڊ ڪلچر فيسٽيول جي ٻي ٿيم ”ماحوليات“ آهي، دنيا ۾ ماحولياتي تبديلين جا نقصان اسان جي ملڪ کي به متاثر ڪري رهيا آهن. فيسٽيول ۾ ماحوليات بابت فلم اسڪريننگ پڻ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هن فيسٽيول ۾ سڄي دنيا جا نمائندا شامل آهن، جيڪي ثقافت جي حسين رنگن کي گڏجي سيلبريٽ ڪري رهيا آهن. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن پروقار تقريب منعقد ڪرڻ تي مان آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه، صوبائي وزيرِ ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه، صوبائي وزيرن سعيد غني، سيد ناصر حسين شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه، سفيرن، قونصل جنرلن، معزز مهمانن، بين الاقوامي ۽ پاڪستاني فنڪارن، عملدارن ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي گورننگ باڊي جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪريان ٿو. مون کي خوشي آهي ته آءٌ ٻئي ورلڊ ڪلچر فيسٽيول جو افتتاح ڪري رهيو آهيان. هيءَ هڪ تمام اهم تقريب آهي، جنهن جو مقصد امن ۽ محبت جو پيغام سڄي دنيا ۾ پهچائڻ آهي. آرٽس ڪائونسل نه رڳو هن شهر پر پوري قوم جو ثقافتي دل آهي. هيءَ شاندار تقريب احمد شاهه ۽ هن جي ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي. مان احمد شاهه کي ورلڊ ڪلچر فيسٽيول جي ڪاميابيءَ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن جي بي پناهه محنت، لگن، فنڪاراڻي ويزن ۽ مستقل ڪوششن هن فيسٽيول کي حقيقت جو روپ ڏنو آهي. هن چيو ته گذريل سال 44 ملڪن جا فنڪار ورلڊ ڪلچر فيسٽيول ۾ شامل هئا، جڏهن ته هن ڀيري 141 ملڪن ۽ هزار کان وڌيڪ فنڪار حصو وٺي رهيا آهن، جيڪو هڪ وڏي ڪاميابي آهي. فيسٽيول ذريعي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تاثر اُجاگر ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي پاڪستان جو دل آهي، ۽ اڄ هيءَ دنيا کي ڀليڪار چئي رهيو آهي. هيءَ فيسٽيول نه رڳو آرٽ جي خوبصورتي پر ان جي طاقت کي به ظاهر ڪري ٿو. سڄي دنيا جا رقاص، شاعر، مصور، موسيقار ۽ فلم ساز اڄ هتي گڏ ٿيا آهن، جيڪي هڪ گڏيل ٻولي، انسانيت جي ٻولي ڳالهائي رهيا آهن. سنڌ ۾ ثقافت صرف هڪ پاليسي نه پر اسان جي ميراث آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري اڄ به اسان جي مزارن ۽ ڳلي ڳليءَ ۾ گونجي ٿي. صوفياڻو راڳ ۽ ڪافي اسان جي ماڻهن جي دلين ۾ ڌڙڪن ٿا. ثقافت کي زندهه رکڻ ۽ ان کي واڌارو ڏيڻ اسان جي عظيم روايت آهي. پاڪستان جي فنڪارن اسان جي ڪهاڻيءَ کي دنيا تائين پهچايو. اسان جا آسڪر ۽ گريمي انعام ماڻيندڙ فنڪار هن ڳالهه جا واضح ثبوت آهن. ٿيٽر ۾ اسان جي فنڪارن جو ڪم اسان جي سماج جي عڪاسي ڪري ٿو. فنڪارن جا قلم ۽ آواز اسان جي امن جا حقيقي سفير آهن. مان ثقافت کاتي جي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. هيءَ فيسٽيول ثابت ڪري ٿو ته پاڪستان هڪ مضبوط ملڪ ۽ هڪ عظيم قوم آهي. مان هن فيسٽيول ۾ شامل سڀني بين الاقوامي معزز مهمانن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جن تقريب ۾ شريڪ ٿي اسان کي عزت بخشي. توهان جي آمد ثابت ڪري ٿي ته فن جي ڪا سرحد ناهي. ڪراچي جي خوبي اها آهي ته هتي ڪو به پاڻ کي ڌاريو محسوس نٿو ڪري. مان توهان سڀني کي دل جي گهراين سان هن پروقار تقريب ۾ ڀليڪار چوان ٿو. سنڌ محبت جي ڌرتي آهي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاهه گل دستو پيش ڪيو. آخر ۾ مدن گوپال (نيپال)، عمار اشقر (سيريا)، لوسي ٽاسڪر (بيلجيم)، شاهه جا فقير، ارمان رحيم (پاڪستان)، شيرين جواد (بنگلاديش) پنهنجي آواز جو جادو جڳائي ڇڏيو، جڏهن ته فرينچ گلوڪار ذڪريا حفار سنتور وڄائي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. اڪبر خميسو خان بانسري وڄائي محفل کي نرالو رنگ ڏنو، جڏهن ته بيلي بيونڊ بارڊرز، Chrome Louie، Kasper the Saint، Ruby Jenn (آمريڪا)، Corinne De Boek (اٽلي)، Alina Ciceo ۽ Radu Domsa (رومانيه) ۽ ڪانگو جا اسٽريٽ ڊانسرن شاندار ڊانس پرفارمنس ڏيکاري ماڻهن جا دل کٽي ورتا. فيسٽيول ۾ ماحوليات تي ٺهيل مختصر فلم ”پلاسٽڪ“ (ڏکڻ ڪوريا) ڏيکاري وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو