وانا بازار ۾ پوليس تي حملو 6 اهلڪار ۽ 7 شهري زخمي

وانا بازار ۾ پوليس تي حملو 6 اهلڪار ۽ 7 شهري زخمي

وانا(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان جي شهر وانا جي رستم باراز ۾ ڪاري ڪوٽ روڊ تي ٻن پوليس موبائيلز تي حملي ۾ 6 پوليس اهلڪار ۽ 7 شهري زخمي ٿي پيا آهن. هڪ ٻئي واقعي ۾ گومل يونيورٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر شڪيب الله تي اڻ سڃاتل ماڻحن ان وقت حملو ڪيو جڏهن هو زرعي يونيورسٽي مان نڪري رهيو هو. حملي ۾ هو محفوظ رهيو پر فائرنگ سبب سندس گاڏي کي نقصان پهتو آهي. وانا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر حماد محمود ميڊيا کي ٻڌايو ته وانا بازار حملي ۾ زخمي ٿيلن مان هڪ جي حالت نازڪ آهي. ٻنهي پوليس وينز تي صبح ساڍي 8 وڳي ان وقت حملو ٿيو جڏهن هو پوليو ٽيم جي سيڪورٽي لاءِ روانا ٿيڻ وارا هئا. حملي ۾ ديسي بم ٺاهڻ وارو مواد (آءِ اي ڊي) استعمال ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو