خيرپور(سجاد علي ڪٻر)شاھ حسين ٿاڻي جي حد ڀاڻو ڳوٺ ۾ ھٿياربندن جو خان محمد ڦلپوٽو جي گهر تي حملو فائرنگ گوليون ھڻي 54 سالا خان محمد ڦلپوٽو کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ٻه هفتا اڳ به ھٿياربندن خان محمد جي گھر تي حملو ڪيو هو جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب ھڪ عورت مسمات عائشه زال رستم ڦلپوٽو کي شديد زخمي ڪيو ويو هو. جنهن کي پوليس زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ھو. 15 ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ڪيا. جنھن ڪري جوابدارن ٻيھر حملو ڪري خان محمد کي گوليون هڻي قتل ڪيو.










