هٿياربندن جو گهر ۾ ڌاڙو، 35 لک روپين کان وڌيڪ جو سامان کڻي فرار

هٿياربندن جو گهر ۾ ڌاڙو، 35 لک روپين کان وڌيڪ جو سامان کڻي فرار

شھدادپور(ن س) شھدادپور ۾ ڳوٺاڻي جي گھر ۾ 8 ھٿياربند داخل ٿي سمورن ننڊ پيل گھر ڀاتين کي اٿاري يرغمال بنائڻ کان پوءِ نياڻي جي ڏاج جو سامان سونا زيور، قيمتي سامان، روڪ رقم سميت 35 لکن رپين جي ماليت کان وڌيڪ جو ڌاڙو ھڻي سمورن گھر ڀاتين کي ھڪ ڪمري ۾ بند ڪري فرار ٿي ويا. شھدادپور ڀرسان ملدسي پوسٽ جي حد اندر ڳوٺ فضل باگراڻي ڀرسان پنھنجي زمين تي ويٺل غلام شبير باگراڻي جي گھر ۾ 8 ھٿياربند داخل ٿي سمورن ننڊ پيل گھر ڀاتين کي ننڊ مان اٿاري کين يرغمال بنائي نياڻي جي ڏاج جو سامان سونا زيور، قيمتي سامان روڪ رقم سميت 35 لکن رپين جي ماليت کان وڌيڪ جو ڌاڙو ھڻي سمورن گھر ڀاتين کي ھڪ ڪمري ۾ بند ڪري فرار ٿي ويا. گھر ڀاتين جي دانھن ۽ رڙين تي ٻين ڳوٺاڻن پھچي ڪمري ۾ بند پيل گھر ڀاتين کي ڪڍي ورتو اھڙي اطلاع بعد وڏي تعداد ۾ آس پاس جا ڳوٺاڻا شھدادپور پوليس ۽ ملدسي پوليس جا اٽالا پھچي پيرا کڻڻ شروع ڪيا پر ھٿياربند ڦورن جو ڪو پتو نہ پئجي سگھيو ھو.

پهنجو تبصرو موڪليو