صالح پٽ (رپورٽ نياز مهر ) صالح پٽ لڳ درويش هوتو فقير جي ميلي ۾ اٺن جي ڊوڙ ۽ ثقافتي ميلو مچايو ويو, ميلي ۾ صالح پٽ سميت گهوٽڪي, چونڊڪو, خانپور ۽ ٻين سنڌ جي علائقن کان سوين اٺ پهتل هئا, اٺن جي شوقينن پاران اٺن کي جهل, سنج, جهمٽا, ڳانيون, نڪتا, مهاڙيون پارائي خوبصورت انداز سان سينگاريو ويو, ميلي ۾ آيل اٺن جي شوقينن حاجي خان مهر عالم خان ڀنڀرو پناھ ڀنڀرو بگن شنباڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اٺن سان اسانجو بي انتها عشق آهي جن کي بي انتها سينگاري ميلي ۾ لاٿو ويندو آهي اٺن جا ڪاهه جي لحاظ سان ڪاڇي, اترادي, لاڙيچا ۽ ٻيا هزارين قسم هوندا آهن درگاھ هوتو فقير جي متولي فقير ڏنل فقير چاڪراڻي منير شنباڻي اٺن سوارين محمد رحيم مهر محمد نهيال مهر طالب مگريو بگن شنباڻي ٻٻر شنباڻي گل محمد ۽ غلام حسين ڀنڀرو ۽ ٻين اٺن سوار جو چوڻ هو ته هر سال اسان پنهنجي مدد پاڻ هي ميلو لڳرائيندا آهيون جنهن لاءحڪومتي سطح تي اسان سان ڪوبه تعاون ناهي ڪيو ويندو ڳوٺاڻن حڪومت سنڌ ۽ ثقافت کاتي کان مطالبو ڪندي چيو ته حڪومتي سطح تي مدد ڪري هنن ميلن کي هٿي وٺرائي وڃي ته جيئن ماڻهون ٻوسٽ واري ماحول مان نڪري لطف اندوز ٿي سگهون










