’هن وقت تائين 5 لک کان مٿي افغاني واپس وطن وڃي چڪا‘

’هن وقت تائين 5 لک کان مٿي افغاني واپس وطن وڃي چڪا‘

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي گهرو کاتي موجب 5 لک کان مٿي غير قانوني طور رهندڙ افغاني ملڪ ڇڏي ويا آهن. سوالن جوابن جي ساهي ۾ سينيٽر محسن عزيز جي سوال جي جواب ۾ لکت ۾ پيش ڪيل جواب م گهرو کاتي ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾تقريبن 17 لک غير قانوني طور تي غير ملڪي پاڪستان ۾رهن ٿا، جن مان اڪثريت افغانين جي آهي. وزارت موجب مجموعي طور تي 5 لک 41 هزار 210 افغاني پاڪستان ڇڏي چڪا آهن پر اڃا به ساڍا يارنهن لک غير قانوني پرڏيهي ملڪ ۾ آهن. گهرو وزارت موجب باقي ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوششون جاري آهن. جواب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 271,985 ماڻهن کي خيبرپختونخواهه ۽ 159,161 ماڻهن کي بلوچستان ذريعي وطن واپس موڪليو ويو آهي. جڏهن ته انٽيگريٽيڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم جي ڊيٽا مطابق، وڌيڪ 110,064 پڻ ملڪ ڇڏي ويا آهن. ياد رهي ته هن وقت سڀني کان وڌيڪ غير قانوني طور رهندڙن جو انگ سنڌ ۾ وڌيڪ آهي ۽ سنڌ مان افغانين سميت غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ واضح ۽ شفاف ڪوششون نظر نٿيون اچن ۽ ائين پيو لڳي ته رياستي ادارا سنڌ مان افغانين ۽ ٻين قوميتن جي غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ ۾ سنجيده نه آهن.ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ افغان بستيون قائم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو