هنگلاج ميلو شروع، هزارين ياتري پهچي ويا

هنگلاج ميلو شروع، هزارين ياتري پهچي ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي ۾ هنگلاج ماتا جو 4 ڏينهن وارو تاريخي ميلو ڇنڇر تي شروع ٿي ويو. صدين کان پراڻي غار اندر قائم ماتا جي مندر ميلي ۾ سڄي ملڪ ۽ دنيا مان هزارين هندو ياتري شريڪ آهن. هتي هنگلاج ديوي جي مندر کي مقامي ذڪري بلوچ ناني جو مندر به سڏيندا آهن. ذڪري هن مندر جي حفاظت به ڪندا آهن. بلوچستان حڪومت ياترين کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ چئن ڏينهن واري تقريب ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ جامع پلان تيار ڪيو آهي. سينيٽر دنيش ڪمار چيو آهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا مان هزارين سياحن کي ڀليڪار ڪريون ٿا. حڪمران بلوچستان عوامي پارٽي (بي اي پي) جي دنيش ڪمار چيو ته صوبائي حڪومت هندو ميگا ايونٽ لاءِ سموريون سهولتون ۽ فول پروف سڪيورٽي يقيني بڻائي. پاڪستان جي مشهور ٽوئرسٽ پوائنٽ يعني ڪوسٽل هاءِ وي تي واقع ڪنڊ ملير جي ويجهو تاريخي ميلي ۾ مردن ۽ عورتن پنهنجن روايتي لباسن ۾ شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري عزيز عقيلي چيو آهي ته صوبائي حڪومت مڪمل سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. هي وڏو ايونٽ آهي، سياحت کاتي سڀ انتظام ڪيا آهن. ياد رهي ته هندو ڌرم جي شڪتي پيٿا يعني 51 مقدس جاين مان 3 پاڪستان ۾ آهن جن ۾ هنگلاج به شامل آهي. درگا جو مندر ڪراچي ۾ ۽ نيلم ويلي ۾ واقع شرڌا مندر آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو