هندو برادري جي روحاني پيشوا جو مڙهه رهڙڪي پهچي ويو

هندو برادري جي روحاني پيشوا جو مڙهه رهڙڪي پهچي ويو

ڏهرڪي ( رپورٽ منطور لفاري )ڏهرڪي ويجهو رهڙڪي درٻار جي گديسر ۽ هندو برادري جي روحاني پيشوا سنت ساڌ رام جو مڙه گذريل ڏينهن سنگاپور کان جهاز واسي ڪراچي آندو ويو جنهن کانپوء مڙه کي ڪراچي کان ايئر ايمبولينس تي سکر منتقل ڪرڻ بعد سکر کان روڊ رستي اينمبولينس تي رهڙڪي درٻار پهچايو ويو جڏهن ته مڙه کي سکر کان رهڙڪي درٻار روڊ رستي نيئڻ دوران سنت ساڌ رام جي آخري ديدار لاء هزارين عقيدمندن ۽ چاهيندڙ سکر پنوعاقل گهوٽڪي سميت وک وک تي روڊ ڪناري بيهي سنت ساڌ رام جو ديدار ڪيو جڏهن ته مڙه رهڙڪي درٻار پهچڻ شرط رهڙڪي درٻار ۾ روڄ راڙو پئجي ويو هزارين عقيدمند عورتون توڙي مرد هڪ ٻي جي ڳلي لڳي زاروقطار روئيندا رهيا جڏهن ته سنت ساڌ رام جي ديدار لاء ايڪسائيز جي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا۔ايم اين اي رميش لال۔ڊي آء جي سکر۔ڊي سي گهوٽڪي۔ايس ايس پي گهوثڪي اڳوڻو ايم پي اي سردار شهريار خان شر سميت علائقي جا چڱا مڙس پڻ رهڙڪي درٻار پهتا جڏهن ته سنت ساڌرام جي ملڪ جي ڪنڍ ڪرڇ مان آيل هزارين عقيدت مندن مريدن ۽ چاهيندڙ سميت ڀارت۔آسٽريليا ڪينڊا ۽ ٻين ملڪن مان ايندڙ عقيدت مندن کي ديدار ڪرڻ لاء مڙه کي سڄي رات مريدن ۽ عقيدت مندن جي ديدارلاء رکڻ سبب کيس سڀاڻي اڄ آخري رسمون ادا ڪيو وينديو هوڏانهن ڪنهن به آڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاء انتظاميه پاران رهڙڪي درٻار جي چئين طرفان کان سيڪورٽي جا انتظاميه انتهائي سخت ڪيا ويا ۽ رهڙڪي درٻار توڙي درٻار توڙي درٻار ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي جڌهن سنت ساڌ رام جي ديهانت تي سوڳ ۾ ڏهرڪي سميت ميرپور ۽ گهوٽڪي جا شهر ٻي ڏينهن به بند رهيا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو