حيدرآباد:(ن س) سنڌ جي صحت بابت صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته هر مريض جي حياتي اسان لاءِ انتهائي قيمتي آهي، تنهن ڪري صحت کاتي جا آفيسر،سنڌ جي صحت بابت صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو نيو ڊپٽي ڪمشنر ڪمپليڪس حيدرآباد ۾ صحت کاتي حيدرآباد طرفان منعقد ڪيل حفظان صحت ۽ انفڪشن ڪنٽرول بابت آگاهي سيشن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته هر مريض جي جان اسان لاءِ انتهائي قيمتي آهي، تنهن ڪري صحت کاتي جا آفيسر، ڊاڪٽر ۽ هيلٿ ورڪرز مڪمل ذميواري ۽ جذبي سان پنهنجا فرض سرانجام ڏين ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي بيمارين ۽ انفڪشنز کان محفوظ بڻائي سگهجي.صوبائي وزير چيو ته عالمي اداري صحت (WHO) جي معيارن مطابق هينڊ هائيجين ۽ سينيٽائيزيشن اختيار ڪرڻ سان انفڪشنز جي ڦهلاءَ کي گهٽائي سگهجي ٿو۔ هن چيو ته استعمال ٿيل سرنجن جي ٻيهر استعمال سان هيپاٽائٽس بي، سي ۽ ايڇ آءِ وي جهڙيون خطرناڪ بيماريون پکڙجي سگهن ٿيون، تنهن ڪري هر صورت ۾ نئين ۽ محفوظ سرنج جو استعمال يقيني بڻايو وڃي۔اجلاس ۾ انفڪشنز جي پکڙجڻ، اسپتالن ۾ صفائي سٿرائي، اسپتال ويسٽ مينيجمينٽ، سينيٽائيزيشن، هينڊ هائيجين، سرفيس جي ڊس انفڪشن ۽ مريضن جي محفوظ سار سنڀال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔ ماهرن ٻڌايو ته ارڙي جي ويڪسين هر ٻار کي لازمي طور تي ڏني وڃي ته جيئن مختلف بيمارين ۽ انفڪشنز جي ڦهلاءَ کي گهٽائي سگهجي، جڏهن ته وقت سر حفاظتي ٽيڪا لڳرائڻ سان انهن بيمارين کان مؤثر بچاءُ ممڪن آهي۔ان موقعي تي ڊي جي هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر وقار محمود، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ، ڊي ايڇ او حيدرآباد ڊاڪٽر پير غلام حسين، هيلٿ آفيسرز، ڊاڪٽرز ۽ هيلٿ ورڪرز پڻ موجود هئا۔










