هانيا عامر اداڪاري سان گڏ باڪسنگ به شروع ڪري ڇڏي

هانيا عامر اداڪاري سان گڏ باڪسنگ به شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڊبليو بي او ورلڊ باڪسنگ چيمپئن عثمان وزير مشهور اداڪارا هانيه عامر کي باڪسنگ جي ٽريننگ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي۔
جيو نيوز کي انٽرويو ڏيندي، ڀارتي حريفن کي شڪست ڏئي هيٽرڪ مڪمل ڪندڙ عثمان وزير چيو ته هو هانيه عامر هڪ بهترين فائٽر آهي ۽ جلد ئي مقابلو به کيڏندي۔
ان کان علاوه، عثمان وزير حڪومت طرفان ڪيل واعدي باوجود ادائيگيون نه ملڻ جي به شڪايت ڪئي۔
انٽرويو دوران پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر شاهد آفريدي سان به رابطو ٿيو، جنهن عثمان وزير جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ مبارڪباد ڏني۔
شاهِد آفريدي پنهنجي فائونڊيشن ذريعي عثمان وزير جي مدد ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ۽ چيو ته عثمان وزير هڪ بهترين رانديگر آهي، جيڪو جسماني طور فٽ ۽ ذهني طور مضبوط آهي، اهڙن رانديگرن جي حمايت ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو