هالي ووڊ فلم ڪوڊا آسڪر ايوارڊ حاصل ڪري ورتو

هالي ووڊ فلم ڪوڊا آسڪر ايوارڊ حاصل ڪري ورتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)لاس اينجلس جي ڊولبي ٿيٽر ۾ 94 آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙن جو اعلان ڪيو ويو. آسڪر ايوارڊ تقريب فيبروري جي آخر ۽ مارچ جي شروعات ۾ ٿيڻي هئي پر ڪورونا سبب مارچ جي آخر ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن جي ميزباني ڪاميڊين وانڊا سائيڪس ۽ ايمي اسڪمر سرانجام ڏني ۽ هالي ووڊ اداڪارا ريجينيا هال به شريڪ هئي. تقريب ۾ ول سمٿ کي فلم ڪنگ رچرڊ ۾ بهترين اداڪارا جو آسڪر ايوارڊ فلم دي آئيز آف ٽيمي فيڪ تي جيسيڪا چيشينن ماڻيو. بهترين معاون اداڪار جو آسڪر ايوارڊ ٽراءِ ڪاسٽر کي مليو، جنهن فلم ڪوڊا ۾ اداڪاري ڪئي، ۽ بهترين معاون اداڪارا جو ايوارڊ ويسٽ سائڊ اسٽوري جي آريانا ڊيبوس کي ڏنو ويو. ڪوڊا، روبي جي ڪهاڻي تي ٻڌل، ٻڌڻ کان محروم خاندان جي اڪيلي ٻڌڻ واري ڇوڪري جي ڪهاڻي تي ٻڌل فلم آهي، جنهن بهترين فلم جو آسڪر ايوارڊ ماڻيو، جڏهن ته انڪانٽو بهترين اينيميٽڊ فلم جو ايوارڊ ماڻيو. بهترين ڊائريڪٽر جو آسڪر ايوارڊ پاور آف دي ڊاگ فلم جي ڊائريڪٽر جين ڪيمپيئن کي ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو