هالي ووڊ فلم انڊسٽري کي ڪورونا سبب 2 ارب ڊالر جو نقصان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) دنيا جي مختلف صنعتن کي ڪورونا وائرس سبب اربين ڊالرز جو نقصان پهتو آهي جنهن ۾ سياحت ۽ فضائي ڪمپنيون سرفهرست آهن. ان سان گڏوگڏ هالي ووڊ جي فلم انڊسٽري به سخت متاثر ٿي آهي ۽ هن مهل تائين 2 ارب ڊالر کان مٿي نقصان ڀوڳي چڪي آهي. آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ ڪورونا وائرس خلاف ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ، جيمز بانڊ جي فلم “نو ٽائم ٽو ڊاءِ” جي رليز متاثر ٿيڻ، ايندڙ مهيني فلم “مُلان” جي رليز رد ٿيڻ ۽ فلم “مشن امپاسيبل” جي اٽلي م شوٽنگ رد ٿيڻ سبب هالي ووڊ انڊسٽري کي وڏو ڌچڪو لڳو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو