33 مارڪون کڻندڙ استادن جون ڀرتيون معطل ڪرڻ جو حڪم

33 مارڪون کڻندڙ استادن جون ڀرتيون معطل ڪرڻ جو حڪم

سکر (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر سرڪٽ بينچ آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ڀرتي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو،عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته هارڊ ايريا پاليسي تحت 33 مارڪون کڻندڙ اميدوارن جون ڀرتيون معطل ڪيون وڃن،سنڌ هاءِ ڪورٽ لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو آهي ته ٽيسٽ ۾ 40 کان گهٽ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي ڀرتي نه ڪيو وڃي،سنڌ هاءِ ڪورٽ سيڪريٽري تعليم کي هارڊ ايريا جي تفصيلن ۽ استادن جي خالي جاين سميت رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو