اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي هاءِ ڪورٽس ۾ايڊيشنل ججز جي مقري معاملي تي جوڊيشنل ڪميشن اجلاس طلب ڪري ورتو، 17جنوري تي اسلام آباد ۽ بلوچسان هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججز جي مقررين بابت اجلاس طلب ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججز جي مقرري لاءِ اجلاس 23 جنوري تي ٿيندو، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججز جي مقررين بابت اجلاس پهرين فيبروري ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججز جي مقررين لاءِ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس 6 فيبروري تي ٿيندو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 4، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 12، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 10 پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ 9 ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ 3 ايڊيشنل ججن لاءِ نامزدگين تي غور ٿيندو.










