نگران وزيراعظم لاءِ گلزار احمد خان جو نالو تجويز

نگران وزيراعظم لاءِ گلزار احمد خان جو نالو تجويز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس (ر)گلزار احمد جو نالو نگران وزيراعظم جي عهدي لاءِ تجويز ڪيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته صدر جي خط جي جواب ۾ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي مشاورت ۽ منظوري کانپوءِ وزيراعظم عمران خان اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد کي نگران وزيراعظم لاءِ نامزد ڪيو آهي. صدر پاران وزيراعظم عمران خان ۽ شهباز شريف کي خط لکيو ويو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن اسيمبلي ٽوڙڻ جي ٽن ڏينهن اندر ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق نه ٿيو ته ٻه ٻه نالا ڪميٽي کي موڪلين. ٻئي طرف شهباز شريف چيو ته صدر، عمران خان ۽ ڊپٽي اسپيڪر آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، غير آئيني صدر جي خط جو جواب ڪيئن ڏئي سگهجي ٿو. شهباز شريف جي جواب تي ردعمل ڏيندي فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف نگران وزيراعظم جي مشاورت جو حصو نه ٿو بڻجڻ چاهي ته اسان ٻه نالا ڏنا آهن، ستن ڏينهن ۾ اسان جي هڪ نالي جي چونڊ ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو