ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال ۾ نگران وزيراعظم جي عهدي لاءِ سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ بهترين چونڊ آهي. سنڌ جي گورنر جي ترجمان موجب ڪامران ٽيسوري انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني.گورنر ڪامران ٽيسوري وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته انوار الحق ڪاڪڙ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ کڻي هلندو.










